حسني قادري بچل شاهه جيلاني

حسني قادري، بچل شاهه جيلاني: حسني قادري، سخي بچل شاهه جيلاني، سنڌ جو وڏو ولي الله ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي، جنهن جي سنڌ ۽ هند ۾ وڏي هاڪ رهي آهي. سخي بچل شاهه جيلاني، حسني قادري غوث اعظم دستگير پير عبدالقادر جيلانيرح جي سورهين پيڙهيءَ مان آهي. سندس جنم نورائي شريف ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ۽ تربيت جدي پشتي ڪامل والد ۽ والده جي هٿ هيٺ ورتائين. تعليم حاصل ڪرڻ بعد سنڌ کان سواءِ ڀڄ ۽ ڪڇ ۾ انسانيت جي اصلاح ۽ تبليغ لاءِ ڏورانهان سفر ڪيائين. سحر انگيز شخصيت هئڻ ڪري سندس درس مان متاثر ٿي، سوين ماڻهو دين جي طرف راغب ٿيا. ورهاڱي کان اڳ هندستان جي ڪڇي سومرن جا 700 گهر سندس هٿ تي اسلام قبول ڪري، سندس معتقد ٿيا، جن جا ڳوٺ اڄ به بدين ضلعي ۾ موجود آهن. پير صاحب وڏو سخي ۽ نهٺو عالم هو. سوالي وٽانئس خالي هٿين واپس نه موٽندو هو. پراوا قرض به ادا ڪري ڇڏيندو هو.
سندس وفات 29 ربيع الآخر 1310هه/20 نومبر 1892ع تي درگاهه نورائي شريف ۾ ٿي ۽ سندن مزار اُتي ئي واقع آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1892.11.20  عيسوي

سندس وفات 29 ربيع الآخر 1310هه/20 نومبر 1892ع تي درگاهه نورائي شريف ۾ ٿي ۽ سندن مزار اُتي ئي واقع آهي.



مذهبي شخصيت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسن بن جابر رحه
عبدالله بن عمر رضه
خواجه حسن بصري
پير، اصحابي محمد اسماعيل
عبدالله بن ارقم رضه
خالد بن وليد
صفيه رضي الله عنها ام المؤمنين
خواجه محمد زمان ٻيو
علي ابن ابي طالب عليه السلام
حمزو بن عبدالمطلب رضه
مذهبي شخصيت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون